اج جو نوجوان __ تبديلي جو سفير

نوجوان __ تبديلي جو سفير

ڀرت بنسي مالهي


 اج جي هن ارتقائي عمل واري دور ۾ جتي نوجوان تبديلي جو سفير ٿي سماج ۽ معاشري کي نت نواڻ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته نوجوان هڪ قوم، خطي ۽ معاشري جو مستقبل ۽ اُن جو اڏيندڙ آهي . جيڪڏهن نوجوانن جي صلاحيتن تي تبصرا ۽ تجزيا ٿين ٿا ته اُهي به حق تي آهن ڇو ته اڄ جو نوجوان هن تيزي سان ترقي ڏانهن گامزن ٿيندڙ  دور ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ڪري رهيو آهي. ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي اڻگڻت وسيلن ذريعي سکڻ، سمجھڻ ، پرکڻ ۽  پنهنجي صلاحيتن کي اُجاگر ڪرڻ سان گڏ پنهنجي علم، ادب، ۽ ذهني علم کي سرشار ڪري سندس ٽيڪنالاجيءَ جي صف ۾  نروار ڪري پنهنجي پاڻ کي دنيا جي ترقي پذير ملڪُن ۾ مڃرائڻ ۽ پنهنجي الڳ سڃاڻپ بڻائڻ ۾ رڌل آهي.
چيو وڃي ٿو ته هڪ ٽئين ڪلاس جو شاگرد اسڪول جي ڪلاس ۾ ويٺي سندس پڙهائي ۾ دلچسپي نه هجڻ ڪري دري کان ٻاهران هڪ هرڻ ڏانهن ڏسي رهيو هوندو آهي ۽ ڏسندي ڏسندي پاڻ به هُن هرڻ پويان ڀڄڻ شروع ڪندو آهي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته هوُ جڏهن موٽيو ته دُنيا هُن کي شيڪسپيئر جي نالي سان سُڃاڻندي آهي جيڪو 32 ڊرامن جو ليکڪ بڻجي چُڪو هوندو آهي اُن جي وجه صرف اها هوندي آهي ته هُن دري مان نڪري هرڻ جي پويان جيڪو سفر طئي ڪيو هو اُهو خودشناسائي جو سفر هو ۽ هُو اڄ دُنيا ۾ ”وليم“ جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو. اڄ جو نوجوان سندس پنهنجي سڃاڻپ به دُنيا کان مُختلف بڻائڻ ۾ مصروف آهي جيڪا هڪ بهترين منزل ڏانهن گامزني جي نشاني آهي.
اج جو نوجوان  پنهنجي اندر شعور جي لاٽ ٻاري مثبت تبديلي لاءِ سياست جو حصو پڻ بڻجڻ جي خواهش رکي اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته تبديلي لاءِ اهڙين سرگرمين جو حصو بڻجڻ ِ ضروري آهي ڇو ته هي هاڻ هي سمجھي ٿو ته تبديلي صرف پيروي ڪرڻ سان ممُڪن ناهي  اِن لاءِ سندس پاڻ کي اُنهن جي جاءِ تي اچڻو پوندو . سقراط به ساڳئي ڳالهه ڪري ٿو “ سياست کان پاسو ڪرڻ جو مطلب ته توهان پنهنجي پاڻ کان گھٽ شعوري ماڻهن کي موقعو ڏيو پيا ته هو توهان تي اچي حڪومت ڪن”.

جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي چوُطرف ڏسنداسين ته امن ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي جنهن ۾ به نوجوان پنهنجي علم ادب، ڄاڻ ۽ مطالعي کي وسيع ڪري سندس نئين دور جي اڏاوت ۾ امن جو سفير ٿي پنهنجو غير معمولي ڪردار ادا ڪري ٻين جي اُتساهه جو سبب بڻجي رهيو آهي. اڄ جو نوجوان پنهنجي حقن سان گڏ  هر ڪنهن جي حقن جي حاصلات لاءِ پڻ جاکوڙ ڪري ٿو  جنهن لاءِ  هو هر ممڪن ڪوشش وٺي ٿو  اڄ جو نوجوان پنهنجي پاڻ کي دُنيا سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ پاڻ موقعا تلاش ڪندو آهي ءِ ٻين کي به اهڙا موقعا ڏيندڙ آهي جنهن لاءِ هو دنيا کان رابطه وڌائڻ ۾ مصروف آهي  ۽. اُن سان گڏ سماجي تبديلي ۾ به پڻ گھڻي ڀاڱي نوجوانن جو ئي ڪردار رهيو آهي، هو همخيال دوستن سان گڏ مختلف گروهن جي صورت ۾ سماجي ۽ سماج ۾ رهندڙن جي بهتري لاءِ  پنهنجي مدد پاڻ تحت  پنهنجي ذميواري سرانجام ڏئي رهيو آهي ڇو ته اهي اسان به ڄاڻون ٿا ته هڪ بهترين معاشري کي اڏڻ لاءِ نوجوان ئي  بهترين ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو

No comments:

Powered by Blogger.