سِرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ ٻار جو پنهنجي والدين کي خط!

ڀرت بنسي  مالهي


شام جو لهندڙ سج سان ڳڏ منهنجي چهري تي ڄميل مٽي لائڻ جي وقت  منهنجو ذهن مونکي توهان سان هڪ عجيب سوال پڇڻ تي مجبور ڪندو آهي ته منهنجا پيارا بابا ۽ منهنجي مٺڙي جيجل ماءَ توهان ته مون کي مٽي ۾ کيڏڻ لاءِ ڇڏيو  
هي مٽي منهنجو مقدر ڪيئن بڻجي وئي؟
  
پيارا بابا، مونکي خبر آهي ته هن سوال جو جواب توهان وٽ شايد ئي هجي پر ڇا ڪيان وڌندڙ ڄمار منهنجي ذهن ۾ انيڪ سوال وڌائي  رهي آهي، بابا آئون ڪيئن ٻڌايان ته صبح جي پهر سج جي پهرين ڪِرڻ سان وٺي شام جي آخري ڪِرڻ تائين جو وقت منهنجي لاءِ ڪيڏو نه ايذائيندڙ هوندو آهي، هن سردي جي موسم ۾ جڏهن پاڻي ۾ پسايل ٿڌي مٽي ۽ منهنجي وچ ۾  بي زباني گفتگو ٿيندي آهي ته منهنجي لاچاري جو احساس به هن مٽي کي گھڻو احساس ٿيندو آهي پر مون جيان بي بس هجڻ ڪري ڪجھ نٿي ڪري سگھي سواءِ توهان کي احساس ڏيارڻ لاءِ مونکي پاڻ مان اٿندڙ دز جي انيڪ بيمارين ۾ مبتلا ڪرڻ جي، پر افسوس بابا مٽي جا اهي همدردي ڀريا پيغام توهان جي سمجھ کان وانجھيل ئي رهندا آهن،
گرمي جي موسم ۾ جتي سج جي تاپ جانور به برداشت نه ڪري سگھندا آهن اتي توهان جو هي لاڏلو اگھاڙي جسم هن باھ جي بٺي تي پيو سسڪندو آهي جيڪا باھ مٽي ۽ لوھ جي آڪار کي مٽائي ڇڏيندي آهي منهنجي جيجل ماءَ توهان کي ته خبر آهي هو باھ صرف سرن کي نه ساڙيندي آهي پر منهنجي اذيتن جي نمائندگي ڪندڙ لڙڪن کي به جسم تي وهندڙ پگھر جي سيلاب ۾ ملائي ڇڏيندي آهي، عمر سان ڳڏ منهنجي ڪم ۾ وڌندڙ ذميواريون ته توهان کي ملندڙ اجرت ۾ ڏسڻ ۾ ته آچي رهيون هونديون پر مٽي جي دز ۽ بٺي جي ڌونهي سبب وڌندڙ بيماريون نه،
 مون سدائين انهن بيمارين کي منهنجي حصي جي اجرت ئي سمجھي آهي ڇو ته انهن جو اظھار ڪرڻ سان فقط توهان جي پٽ جي پٺن تي سيٺ جي هٿن جا نقش ئي ملندا.
امان آئون جڏهن منجھند جو روڊن تي مون جيترن ٻارڙن جا اسڪولي وردي ۾ ولر ڏسندو آهيان ته پنهنجي پاڻ کي وڏو ڏوهاري توڙي پُنر جنم جو گناه گار سمجھندوآهيان، ڇو ته جيڪڏهن هن ننڍڙي عمر ۾ ايتريون لاچاري ڀريل اذيتن جو شڪار هجڻ جو ڪو ڪارڻ نه هجي ها ته آئون به ان ولر ۾ هجان ها جيڪي پنهنجي هر بنيادي سهولتن سان آرائسته آهن، آئون به تعليم پرائي سگھان ها ۽ آئون به سندس مٽي جي بجاءِ مون جهڙن ٻارڙن سان رشتو جوڙان ها، پر آئون ته نه ئي ڪڏهن توهان جي توجه جو مرڪز رهيس ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن پنن ۾ لکيل حقن جو مستوجب رهيس، ڇو ته ڪنهن ڪنڊ جي هڪ کيمي ۾ جنم وٺندڙ سدائين مٽي، دز، ڌونهين ۽ رک تائين محدود رهندڙ ڪڏهن ٻين جي توجه ڇڪي سگھيا آهن ها پر پوءِ به ڪنهن جي مفادن جي بنيادن تي نڪريل رڙين جا عنوان ضرور ٿيا آهن.
منهنجا پيارا بابا ۽ جيجل امڙ مونکي توهان جي بي بسي جو به احساس آهي ڇو ته توهان به شايد اهڙين ئي ڪيفيتن جا شڪار رهيا هوندا، توهان به شايد انهن کي ئي مقدر سمجھي زندگي جو اهم ڀاڱو گذاري ڇڏيو هوندو ۽ توهان ان لاءِ اها محروميت هڪ رواج ئي تصور ڪيو  هوندو پر بابا منهنجي تڪليف شايد ڪجھ گھڻي آهي ڇو ته وقتن سان ڳڏ ماڻهن جي مزاجن ۽ مفادن ۾ الائي تبديلي آئي آهي جيڪا ٻڌائڻ مناسب نه ٿو سمجهان، ڇو ته قصور سانحِي کان پوءَ اها به روايت ئي ٿيندي وڃي پئي.
آئون هٿڙا ٻڌي ٿو عرض ڪيان مون کي هن جبر مان آزاد ڪرايو، ڇو ته منهنجي حقن لاءِ ٺاهيل قانون صرف ڪاغذن تائين محدود آهن جيڪا صرف اداران جي ٺيڪيدارن جا پيٽ ۽ رڪارڊ ڀرڻ لاءِ آهن، اميد ته هن جبري روايت جي پڄاڻي ٿيندي.
 توهان جو لاڏلو
الف ب ويٺل صاحب جو بٺو

ڇپيل ٽماهي پنکڙيون رسالو

No comments:

Powered by Blogger.