جنسي ڏاڍائي جي وڙ چڙهيل معصوم ٻار

جنسي ڏاڍائي جي وڙ چڙهيل معصوم ٻار.
جنهن خطي ۾ هڪ پاسي ٻارن تي شاعري جا آبشار وهن، اُنهن کي قوم جو اثاثو چئي آئيندي جو اڏيندڙ سمجھيو ويندو هجي ته اُتي ٻي پاسي سندن اُنهن ئي آبشارن کي آئي ڏينهن حوس ۽ وحيشيت جو نشانو بڻايو وڃي، هُنن جي پنکڙين کي بيدردي سان ڪُچليو وڃي ۽ جنهن جي انمول زندگي جي فضا کي سوڳوار ڪيو وڃي پڪ سمجھو.! ته اُتي انسان جي اشرف المخلوقات هجڻ تي هڪ اهڙو سواليه نشان آهي جنهن جو جواب ڳولڻ مشڪل آهي.

هڪ غيرسرڪاري تنظيم (سائل) جي سالياني سروي جي انڳ اکرن موجب سال 2015 ۾ ٽوٽل  3768 ٻار جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيا، جنهن ۾ پنجاب 2616، سنڌ 638، بلوچستان 207، اسلام آباد 167، خيبرپختونخواه 113، آزاد جمعون ڪشمير 21، گلگت بلتستان 3 ۽ فاٽا ۾ 3 ٻار شامل آهن. 2014 جي انڳ اکرن جي ڀيٽ ۾ سال 2015 ۾ ٻارن سان جنسسي ڏاڍائي جي واقعن ۾ ست سيڪڙو اضافو ٿيو.

 پاڪستان ۾ لاقانونيت، شعور ۽ علم جي گھٽتائي سبب اهڙا واقعا روز جا معمول  بڻجي چڪا آهن ۽ اهي خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گھڻي ڀاڱي پيش اچن ٿا. پر ڇا هن ڳالهه جي ڪنهن کي پرواهه هوندي؟ بس هتي اسين صرف ٻين جي ڪۡلهن تي پنهنجو ڪنڌ رکي مگرمڇ جا ڳوڙا واهڻ ۾ مصروف آهيون.

هڪ پاسي سمنڊ جي ڪناري تي شامي پنهاگير ٻار ايليا خُردي سڄي دُنيا جي اديبن شاعرن  توڙي هر عام ۽ خاص ماڻهن جي روح کي انسانيت جي آواز سان جھججھوڙي پيو ته ٻئي طرف انهي دنيا سان وابسطڳي رکندڙ اسان جي ملڪ ۾ هر روز اهڙا ڪيترا ئي  معصوم گُلڙا پنهنجي اکين ۾ روشن آئيندي جو خواب سيڙهيندي اهڙي شرمناڪ ۽ لڄائيندڙ عمل جو  شڪار ٿي  هن وحيشي سماج جي دٻاءۡ هيٺ پنهنجي وجود جي بقاءۡ لاءِ انصاف جي در اڳيان سسڪيون پائيندي مۡرجهايو پون ٿا.

 بنگال جي هڪ عظيم شاعر رابرناٿ ٽئگور چيو آهي ته ”هر پئدا ٿيندڙ ٻار ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته خۡدا اڃا اسان مان ناراض ناهي ٿيو. پر جيڪڏهن اسان ائين ئي پنهنجي وحيشي پڻو انهي ايندڙ نسل تي ٿوپڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اۡهو ڏينهن پري ناهي جڏهن انسانذات پنهنجو وجود وڃائي ڇڏيندي“.

ٻار اسان جي مۡلڪ جو اثاثو آهي پر جنهن قوم جي حوارين تي وحيشتپڻو سوار ٿيل هجي، جنهن جي سمجھ بوجھه تي غفلت جا تالا لڳل هُجن تنهن قوم جو آئيندو اونڌهه جي ڪالڪوٺڙي ڏانهن وڃڻ جو سنڪيت (اشارو) ڏي ٿو. هڪ جامع قانون جي موجودگي ۾ اهو سڀ ٿيڻ انتهائي  دل ڏکوئيندڙ ۽ شرمناڪ عمل آهي.

ڇا اهو عين ممڪن ممڪن ناهي؟ ته اهڙن حوارين کي قانون جي شڪنجي (دائري) ۾ آڻي 
منطقي انجام تائين پهچايو وڃي ته جيئن مستقبل جا معمار حقيقي معنيّ ۾ زندگي جي انمول رتن کي ماڻي سگھن.

ڀرت بنسي مالهي.

2 comments:

  1. informative figure you mentioned. good

    ReplyDelete
  2. tmama behtreen inhe mozu te shayd ghat e awaz uthaaryo wendo ahe par jehre tarike san twhan conclude kayo a good
    but hkri she missing i think thoro mazhabi rukh dyaro ho madrassan men garib awam ja baar parhan tha jthe unhan khe ziadti jo nishano barayo tho wanje///

    ReplyDelete

Powered by Blogger.