ڪلانڪر ڊنڍ جي ڪرڙو ۽ سندس مهاڻن جي ميزباني (Travelogue )
ايئن ته سڀئي سفر من موهيندڙ هوندا آهن پر سنڌ جي ريگستاني رستن جو سفر ته اڃان
به وڌيڪ سرور بخشيندڙ هوندو آهي. ڍورونارو
(عمرڪوٽ) کان نڪرندي ئي جيئن ٿر جي لانگ (فورويل) گاڏي جا ٽائر هڪ وڏي دشت وارياسي زمين تي ريت کي لتاريندا هلن ٿا ته
ايئن محسوس ٿئي ٿوته شل ڪو هن بيابان صحرا ۾ پاڻي جو ڪو ڦڙو نصيب ٿئي.
ٿورو ئي (10 ڪلو ميٽرن) سفر طئي ڪيو ته اڳتي
پاڻي جي هڪ وڏي ۽ وسيع ڊنڍ جنهن ۾ وارياسي
ڀٽن جا بند هن هڪ ڊنڍ کي گھڻ ڊنڍن ۾ ورهائيل ڏيکاري رهيا هئا انهن ڊنڍن جو هڪ
مجموئو سندس موڄن ۾ قدرت جي قرشمي جو ڏيک
ڏئي رهيو هو ايئن محسوس ٿيو پئي ته ڄڻ اهي ڊنڍون ڪنهن مچ ڪچهري ۾ مگھن هُجن.
ڪلانڪر ڊنڍ تي پهچندي ئي اسان هڪ پاسي ڪناري تي
بيهه هن نظاري کي اکين ۾ سميٽڻ جي ڪوشش
ڪري رهيا هئاسين ته جيسين ڀرپاسي جا رهواسي اچي اسان جي آجيان ڪرڻ لڳا سندس گفتڳو
۾ سادگي نروار هئي ۽ اها ئي انهن جي مهمانوازي جو پهريون پهلو هئيو ته جيڪي به هن
ڊنڍ تي ايندا آهن ته هي انهن جي آجيان لاءِ وٽس پهچي ويندا آهن.
هُنن جو چوڻ هو ته سندس ڪيترين ئي پيڙهين کان
هتي رهن پيا، هن ڊنڍ کي انتظاميه پاران نه
ئي ڪا پڪنڪ پوائنٽ جو لقب ڏنل آهي، هتي نه
ئي ڪا مسافرخانو آهي ۽ نه ئي ڪا روڊ رستي جي سهولت آهي پر پوءِ به مختلف
مهاڳن کان ماڻهون سندس سڪون بخشيندڙ ماحول جو مزو وٺڻ ايندا آهن.
ڊنڍ ۾ مختلف قسمن جي مڇين جي پيداوار ٿيندي هئي
جنهن ۾ ڪرڙو، موراکي، نهري، مڪر، ڄرڪو، منڊو وغيره آهن جيڪو هتي جي رهواسين جي
روزگار جو پڻ ذريعو هئيون. پر ڪلانڪر جي ڪرڙو وڌيڪ مشهور آهي هي ڪنهن زماني ۾ سنڌ
سميت جوڌپور (انڊيا) تائين پسند ڪئي ويندي هئي ۽ سوکڙي تور پڻ موڪلي ويندي هئي، هتي
گھمڻ لاءِ ايندڙ به سندس ڪرڙو کائڻ جي فرمائش ڪندا هئا.
جڏهن سرد هوائن ۾ سائيبريا کان پکي اچي هن ڊنڍن
جي مٿانهون اُڏامندا آهن پکين جي چهچاٽ، پاڻ ۾
جھگڙڻ وري صلاح ڪرڻ ۽ قطار ۾ ملي هلڻ سندس اهو نظارو ساري ٿڪ ۽ پريشانين کان نجات ڏياري ڇڏيندو آهي،
ڊنڍ جي ڪناري تي هلندي هلندي هڪ ننڍڙي ٻيڙي به
هئي جنهن ۾ چڙهي اسان پاڻي جي اندر وياسين ته ڀر ۾ گذرندڙ مڇين جي ڀاڳ دوڙ ۽ ڊنڍ
جي ڪنارن تي ننڍڙن ننڍڙن ٻوٽن ۽ گھاٽن وڻن جو نظارو تمام وڻندڙ ۽ دلڪش لڳي رهيو هو ڄڻ ته اهو ڏسندا ئي رهون.
هڪ اُميد هئي ته واپسي محل هو ته هتي جا مهاڻا
اسان کي ڪلانڪر جي ڪرڙو جو سواد ضرور چکائيندا پر اها اسان جي بدقسمتي چئجي ته
جنهن وقت اسان جو وڃڻ ٿيو هو ته اُن وقت مڇي جي پيداوار گھٽ، نه هئڻ برابر هئي اُن
جا انهن محبتي مهاڻن انيڪ سبب ٻڌايا.
پر پوءِ به موٽيندي وقت شام جا 5 ٿي چڪا هئا سندس
سائي مرچن جي چٽڻي سان ڳاڙهي چانورن جي ماني کارائي سندس مهمانوازي واري روايت
رکندي محبتون ۽ عزتون ڏنيون جيڪو نه وسرڻ
جهذيون آهن.
ڀرت بنسي مالهي
2k14/MC/16
2k14/MC/16
No comments: