جتي مذھبي تھوارن کي ثقافتی تھوارن جی مفھوم سان ڀیٽیو وڃي ٿو
جتي مذھبي تھوارن کي ثقافتی تھوارن جی مفھوم سان ڀیٽیو وڃي ٿو
ڀرت بنسي مالهي
ماروی جو شھر عمرڪوٽ جیڪا پنھنجی قدیمی لحاظ کان ججھی تاریخ رکی ٿو۔ جتی قدیمی یادگاروُں ڏسی اِھا اندازو لگائٹ ھر شخص لاء آسان آھی تہ ماضی ۾ ھن خطی جو نالو تمام عزت بخش ء سکوُن بخش رھیو ھوندو۔ ماضی م ھی شھر مارواڙ ء سنڌ جی مرکزی رستی تی ھجٹ ڪری ھن شھر کی وڏی اهمیت حاصل رھي ھوندی، عمرکوٹ جی ماضی م اکبر بادشاھ جی پیدائش، سومرنء سوڈھن جا حکومتی دور، اصل امرکوٹ یا عمرکوٹ، مارئي جی مٹي ء ماروئڙن سان محبت ء عمرڪوٹ م تاریخی ء قدیمي جایوُن انھن عنوان کیترن ئی لیکڪن ء محققن جی قلم سان پنھنجو اصل وجوُد جی بیان شناسی ڪئی آھي۔ عمرڪوٹ ء ٿرپاڪر گڏ ھجڻ ڪری سندس ھتي جي ماٹھن جون ھم عادتون ھئڻ سان گڈ ھڪ ٻئی سان تمام گھٹی ویجھرائپ آھی تھر جا رھواسی پنھنجی پاٹ کی امراٹي جا سڏائیندا آھن ۽ جڏهن تہ عمرڪوٹ جا ماٹھون پنھنجی وجوُد م ٿر جی ڀٽن جی آنچل م پلجٹ جو حوالو ڏیندا آھن اھا ٻئي شھر جتی شاھ جی سورمی مارئی جا پیرن جا نشان ماٹھن کی مٹی سان محبت ڪرڻ سان گڈوگڈ ماروئڙن سان پیار جو پیغام پڻ ڏين ٿا۔ ھتی مذھبی رواداری جو ھڪ نادر نمونو آھي۔ ھتي جا رهواسي مذھبي تھوارن کي ثقافتی تھوارن جی مفھوم سان ڀیٽی سڀني تھوارن کی گڈجی ملھائن ٿا۔
No comments: