“بهترين ڪردار رکندڙ شخص ئي هڪ سٺو صحافي ۽ اڳواڻ ٿي سگهي ٿو” -گل منير ولهاري

بهترين ڪردار رکندڙ شخص ئي هڪ سٺو صحافي ۽ اڳواڻ ٿي سگهي ٿو-گل منير ولهاري





تاريخي وجود رکندڙ سنڌ جو شهر عمرڪوٽ ۾ هونهن ته ڪيترن ئي اديبن،شاعرن،اگواڻن،سماجي ڪارڪنن ۽ صحافين سان ڀريو پيو آهي.جن ۾ هڪ زميوارصحافي ۽ سماجي ڪارڪن گُل مينر ولهاري به هڪ آهي.جنهن قلم جي طاقت جي سهي معنيٰ سمجهي هميشه غريبن توڙي مظلومن جي آواز کي وس آهرن تائين پهچائڻ سان گڏو گڏ، پاڻ پتوريو  آهي. ۽ اڄ ڪل سنڌ اڪسپريس اخبار ۾ خدمتون  سرانجام ڏئي رهيو آهي.

سوال:  صحافت ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
جواب:  ستيئن ڪلاس کان سماجي ڪمن ۾ شوقهجڻ ڪري هميشه سماج ۾ رهندڙن جي مسحلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو هئيس ان ڪري منهنجو صحافت ڏانهن لاڙو وڌيو ته جئين آئون صحافت جي ذريعيماڻهن جي مسحلن جي حل لاءِ آواز اُٿاري سگهان. ۽ 1999ع کان اڄ تائين صحافت ۾ پنهنجي ذميوارين کي سر انجام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

سوال:  توهان جو صحافت ۾ اچڻ وقت جي ۽ هن وقت جي صحافت ۾ ڪهڙيون تبديليون نظر اچڻ ٿيون؟
جواب: سائنس جو به شاگرد هجڻ ڪري شين جو ارتقا واري عمل ۾ گذارڻ جي گالهه تي يقين رکان ٿو ته ڪلهه جي حالت اڄ جهڙي ۽ اج جي حالت سڀائي جهڙي نه هوندي،خبرموڪلڻ جو طريقو خطن کان وٺي فيڪس تائين ۽ فيڪس کان وٺي اي ميل تائين جي ٽيڪنالاجي ۾ تبديلي اَئي آهي، اِن سان گڏو گڏ. ترجيحات تبديل ٿيون آهن، خبرن جي معيار کان وٺي صحافت جي رُجحانات ۽ صحافت جون قدرن ۾ به تبديلي آئي آهي.
هردو رجون ترجيحات پنهنجون هونديون آهن اڳ جي نسبت اڄ جي ميڊيا جي طاقت کي رياست جو چوٿون ٿبپ چيو وڃي ٿو. تنهن طاقت جو غلط فائدو وٺندر ڪجهه ميڊيا جي اِدارن سان گڏ ڪجهه صحافين جي ايمانن ۾ به تبديلي آئي آهي.

سوال:   هڪ سُٺي صحافي جون ڪهڙيون زميواريون ٿي سگهن ٿيون؟
جواب: پنهنجي مفادن کان وڌيڪ ماڻهن جي مسئلن کي ترجيح ڏيڻ ئي هڪ ايماندار صحافي جي پهرين زميواري سان گڏ فرض آهي.


سوال:  توهان اڄ ڪلهه جي صحافت کي ڏسي، هڪ صحافي هجڻ جي حيثيت سان صحافت ۾ ڪهڙين ضرورتن کي محسوس ڪيو ٿا؟
جواب: پاڪستان جي صحافت ۾ ضابته اخلاق جي عمل درآمد جي گهڻي ضرورت آهي.
پاڪستان جي ميڊيا ۾ ضابطا اخلاق هئڻ باوجود به نه هئڻجي برابر آهي جنهن ڪري خاميون نظر اچن ٿيو. ۽ اها رياست جي زميواري آهي. ضابته اخلاق جي عمل درآمد  ٿيڻ کان پوءِ خُود خاميون ختم ٿي وينديون.

سوال:   اڄ ڪلهه جي ايماندار صحافي کي ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو؟
جواب: انسان کي کاڌو کائڻ مهل به هڪ سيڪنڊ لاٰٰءِ ساهه روڪڻ جي تڪليف ڪرڻي پوي ٿي ته هُو گره پيٽ تائين پهچي سگهي، منهنجي نظر ۾ ايمانداري کان زميواريون نڀائڻ وارن لاءِ مشڪلاتون ايتريون اهميت نه ٿيو رکن اگر ڪجهه وڌي وينديون آهن ته منهن ڏئي ويندا آهن.
صحافت جا فرض ادا ڪندي مون تي حملا ٿيا جيل ويس پر مون پنهنجو پيشو ڪونه ڇڏيو.
هاڪٿي ڪٿي انهن صحافين لاٰء مالي مسئلا ٿيندا آهن جيڪي صحافت کي بزنس نه پنهنجي زميواري سمجهندا آهن.انهن وٽ ايترا وسيله نه هوندا آهن جيڪي خبر فيڪس يا ميل ڪري سگهن.

سوال:  صحافت شمبي سان سلهاڙيل شاگردن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: صحافت دنيا جو بهترين۽ محتبر شعبو آهي.ڇو ته صحافي جهڙو ڪو ڪونهي، صحافي وانگر مشڪلاتن مان ڪير ڪونه ٿو گذري ۽ صحافي جهڙو محتبر ڪوبه ڪونهي.هڪ سٺو ڪردار رکندڙ ئي سٺو صحافي ۽ اڳواڻ ٿي سگهي ٿو


http://weeklyroshni.com/article/title/1067

1 comment:

Powered by Blogger.